سميجو محمد بخش

سميجو محمد بخش

محمد بخش سميجو

محمد بخش سميجو : ٽي وي پروڊيوسر محمد بخش ولد فقير محمد سميجي جو جنم ٿرڙي ضلعي دادو ۾ ٿيو. سندس والد پوليس کاتي ۾ ملازم هو. هن مختلف شهرن ۽ اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي. ايم. اي پوليٽيڪل سائنس ۾ 1964ع ۾ ڪيائين ۽ 1972ع ڌاري ايل. ايل بي ڪري دادوءَ جي مشهور وڪيل امام بخش گهرياڻيءَ جو اسسٽنٽ ٿيو. ان کان اڳ ڀان سيدآباد ۾ انگيزي اسڪول ۾ ماستر هو. پي ٽي وي تي جڏهن سنڌي پروگرام جو ٽائيم وڌيو ته فيض ٻگھِي، منظور قريشي ۽ بين سان گڏ 1975ع ۾ پاڻ به اسسٽنٽ پروڊيوسر جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو. اتي هارون رند ۽ عبدالڪريم بلوچ جي نگراني هيٺ موسيقي ۽ ڊرامن ڏي ڌيان ڏنائين. هي اسسٽنٽ پروڊيوسر کانپوءِ پروڊيوسر ٿيو. هن پنهنجي ڪيريئر ۾ هڪ هزار کان مٿي ڊراما پروڊيوس ڪيا. اڳتي هلي سندس گھر واري ۽ اولاد پڻ ٽي وي سان واڳجي ويا. هن پنهنجي حياتيءَ جا 29 سال پي ٽي ويءَ کي ارپيا. هن پي ٽي وي تي 1975ع ۾ بطور اسستنٽ پروڊيوسر پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. هن اڻ ٿڪ محنتن اوجاڳن سان سنڌي ڊرامن کي نوان رخ ڏنا جو سندس نالو ڪامياب پروڊيوسرن ۾ شامل ٿيڻ لڳو. هو انتهائي باصلاحيت ٽي. وي پروڊيوسر هو. ڪيترائي سنڌي اردو ڊراما سندس محنتن جي ڪري بيحد مقبول ٿيا. جن ۾ زينت، انتها، انگاري، نوري ڄام تماچي، گامون سچار، ڪونج غلام ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا ڊراما سندس ڪامياب ۽ يادگار رهيا. محمد بخش سميجي کي سندس محنتن جي موٽ ۾ ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا. هن ڪيترن ئي نون چهرن کي پي ٽي ويءَ تي متعارف ڪرايو. محمد بخش سميجي. پي ٽي وي آڌار سڄي سنڌ ۾ پنهنجي صلاحيتن آڌار پنهنجو مٿڀرو مقام جوڙيو ۽ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. هن 13 سيپٽمبر 2004ع ۾ وفات ڪئي. کيس شهر دادو جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ محمد بخش سميجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2004.09.13  عيسوي

محمد بخش سميجي 13 سيپٽمبر 2004ع ۾ وفات ڪئي. کيس شهر دادو جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم شاهه جتي ستي
سوناڪشي سنها
اسڪندر مرزا
سر سيد احمد خان
پير عبدالرحمان
ڄام مدد علي (سياستدان)
ڏاهري خان محمد
صغير الاهي کچي
جتي ستي جمال شاهه
ڪمال خان چانگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون